Share this link via
Personality Websites!
ڪا خبر نه پئي، آخر ڳوليندي ڳوليندي، ڪَچري جي ڍير تي پهتا، اتي پنهنجو مَنات ذلت سان پيل ڏٺائون ته ڏَڪي ويا، جلدي ۾ گهر کڻي آيا، ڌوتو، غسل ڏنو، خوشبو لڳائي ۽ ادب سان سندس جاءِ تي رکي ان جي پوڄا ڪرڻ لڳا، اڳين رات ٿي ته شهزادن وري ائين ئي ڪيو، اڳين صبح مَنات صاحب وري جاءِ تي نه هو، اڄ به ڪچري جي ڍير تي مليو، ڪجھ ڀيرا جڏهن ائين ئي ٿيو ته هاڻي جنابِ عَمرو بن جُموح کي ڪجهه ڪجهه سمجهه اچڻ لڳو، تنهنڪري انهن هڪ تلوار منات جي ڳلي ۾ لٽڪائي ۽ چيو: جيڪڏهن تو ۾ ڪا ڀلائي آهي ته اڄ پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري وٺجانءِ.
هاڻي رات ٿي، جنابِ عَمرو بن جُموح جي شهزادن اڄ ڇا ڪيو جو منات جي ڳلي مان تلوار لاٿي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ مئل ڪتو لٽڪائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن جڏهن جنابِ عَمرو بن جُموح اها صورتحال ڏٺي ته هاڻي سندن دل روشن ٿي وئي، پاڻ منات کي ڇڙٻيندي فرمايائون: جيڪڏهن تون خدا هجين ها ته ائين ڪتو ڳلي ۾ لٽڪائي ذليل نه ٿئين ها. ان کان پوءِ حضرت عَمرو بن جُموح رَضِیَ اللہُ عنہ ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪري راهِ هدايت تي اچي ويا.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي صرف هڪ واقعو آهي، اهڙا هزارين واقعا تاريخ جي ورقن تي موجود آهن. ڏسو! هي آهي عقل جي پهچ...!! جيڪي الله پاڪ جي موڪليل هدايت کي رهنما نٿا بڻائين، اهي پاڻ کي ڪيڏو نه هيٺ ڪري ڇڏيندا آهن، معلوم ٿيو: اسان پنهنجي عقل سان خود پنهنجي قدر ۽ قيمت به پوري طرح نٿا سڃاڻي سگهون ته باقي معاملن کي عقل سان ڪيئن سلجهائي سگهنداسين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami