Share this link via
Personality Websites!
زندگي جو بنياد الله پاڪ جي موڪليل هدايت تي نه بلڪه پنهنجي عقل تي رکيو، ان عزت ته ڇا ماڻڻي هئي، ابتو ذلت کنئي، تاريخ پڙهي ڏسو! جنهن دين کي نه مڃيو، ان يا ته*تارن کي پنهنجو خدا مڃي ورتو*يا سج جي پوڄا شروع ڪري ڏني*ڪنهن وڻن کي سجدا ڪيا*ڪنهن باهه جي پوڄا ڪئي* ۽ ڪنهن پٿرن جي سامهون مٿو گَسايو، يعني اهي عقل تي هر شيءِ جو بنياد رکندڙ، ايتري عقل به نه رکندا هئا جو پنهنجي هٿن سان ٻاريل باهه عبادت جي لائق ڪيئن ٿي سگهي ٿي...؟
حضرت عَمرو بن جُموح رَضِیَ اللہُ عنہ جو واقعو
هڪ انصاري صحابي آهن، حضرت عَمرو بن جُموح رَضِیَ اللہُ عنہ هي پنهنجي قبيلي جا سردار هئا، وڏا دانشمند، عقلمند هئا، پاڻ اڃا اسلام قبول نه ڪيو هئائون، ان کان پهريان جي ڳالهه آهي، انهن پنهنجي گهر ۾ ڪاٺ جو ٺهيل هڪ بُت رکيو هو، ان کي اهي مَنَّات چوندا هئا ۽ ان کي پنهنجو خدا مڃيندا هئا. جڏهن مديني پاڪ ۾ اسلام جي روشني پکڙجي وئي ته عَمرو بن جُموح (رَضِیَ اللہُ عنہ) جي پٽن کي به هدايت نصيب ٿي، انهن به اسلام قبول ڪري ورتو، هاڻي انهن پنهنجي والد صاحب کي اسلام جي دعوت ڏني پر ان وقت تائين عَمرو بن جُموح (رَضِیَ اللہُ عنہ) الله جي دين جا دشمن ۽ عقل جا پيروڪار هئا، انهن اسلام قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندن پٽن والد کي سمجهائڻ جي هڪ اٽڪل سوچي، ائين ڪيو جو جڏهن رات ٿي، سڀ سمهي پيا ته اهو ڪاٺ جو بُت جنهن جي جنابِ عَمرو ان وقت پوڄا ڪندا هئا، انهن ان بُت کي کڻي گندگي جي ڍير تي اڇلي آيا. صبح ٿي، جنابِ عَمرو ڏٺو، مَنات ته پنهنجي جاءِ تي ناهي، گهڻو ڳوليو، گهڻو تلاش ڪيو، ڪٿي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami