Share this link via
Personality Websites!
*۽ اسان جي ڪنهن نشاني (يعني) ڪنهن آسماني ڪتاب يا ڪنهن نبي عَلَیْہِ السَّلام جو انڪار ڪندو*بلڪه جانورن جيان کائڻ، پيئڻ ۽ * دنيا جا مزا ماڻڻ کي ئي پنهنجو اصلي مقصد سمجهي وٺندو، اهو هميشه دوزخ جي باهه ۾ سڙندو ۽ ڪڏهن به اتان نه نڪري سگهندو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! انهن مبارڪ آيتن ۾ اسان کي واضح سبق ڏنو ويو ته اسان اولادِ آدم آهيون يعني اها هستي جنهن کي الله پاڪ پنهنجو خليفو بڻائي زمين تي موڪليو، اسان ان جي اولاد مان آهيون، اسان هن دنيا ۾ بلڪل آزاد يا بي لغام ناهيون بلڪه اسان جي لاءِ هتي*زندگي گذارڻ* پاڻ کي*پنهنجي گهر کي*پنهنجي معاشري کي سنوارڻ جي لاءِ باقائده هدايتون ڏنيون ويون آهن، قرآنِ مجيد جي صورت ۾، دينِ اِلاهي جي صورت ۾ اسان جي لاءِ مڪمل ضابطا ۽ اصول بيان ڪيا ويا آهن*اسان هر لمحي*هر وقت* هر جاءِ*هر لحاظ کان انهن اصولن، انهن ضابطن يعني دين ۽ شريعت جا پابند آهيون ۽ اسان کي دين ۽ شريعت جي تابع رهي ڪري ئي زندگي گذارڻي آهي. جيڪڏهن ان کان هٽي وياسين ته اسان کي نه دنيا ۾ ڪاميابي ملندي، نه آخرت ۾ نجات ماڻي سگهنداسين.
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ حقيقت آهي ته انسان هن دنيا ۾ هر گهڙي اِلهامي هدايت جو محتاج آهي. اڄ بي دينن ۽ غير مسلمن جو هڪ وڏو انگ آهي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami