Share this link via
Personality Websites!
۽ انهن ملي ڪري مون کي هڪ ٽاٽ ۾ ويڙهيو ۽ کڻي هڪ باغ ۾ اڇلائي ڇڏيو. مون جڏهن يقين ڪري ورتو ته سڀ وڃي چڪيون آهن ته اٿي پنهنجا ڪپڙا ۽ بدن کي ڌوئي پاڪ ڪري ورتو ۽ پنهنجي گهر هليو ويس پر ڪنهن کي اها ڳالهه نه ٻڌائي. ان ئي رات مون خواب ۾ ڏٺو ته ڪو چئي رهيو آهي: توکي حضرت يوسف عَلَیْہِ السَّلام سان ڪهڙي نه خوب مناسبت آهي. پوءِ چيو: ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ مون چيو: نه. ته انهن چيو: مان جبرائيل عَلَیْہِ السَّلام آهيان. ان کان بعد انهن منهنجي منهن ۽ جسم تي پنهنجو هٿ گهمايو. ان ئي وقت کان منهنجي جسم مان مُشڪ جي بهترين خوشبو اچڻ لڳي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي...!! غور فرمايو! جڏهن ماڻهو دين تي عمل ڪرڻ جي لاءِ، الله ۽ رسول جي فرمانبرداري جي لاءِ ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر ڪرڻ ڇڏيندو آهي ته ڏسو! ربّ ڪريم ان ٻانهي جي عزت ۾ ڪهڙي طرح اضافو فرمائي ڇڏيندو آهي، ان بزرگ رَحْمَۃُ اللہِ عَلَیْہ شريعت جو حڪم مڃڻ لاءِ پاڻ کي بدبودار ڪيو، الله پاڪ ان کي هميشه جي لاءِ خوشبودار ڪري ڇڏيو. بس اسان کي به گهرجي ته اسان الله جي موڪليل دين تي، الله پاڪ جي ڪتاب ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي فرمانن تي عمل ڪريون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي اسان جا قدم چمندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami