Share this link via
Personality Websites!
شريعت کي پٺيان ڪري ڇڏيندا آهيون*مثال طور شادي جو موقعو آيو، گهڻن ماڻهن جو ذهن هوندو آهي ته جيڪڏهن دهل شرنايون نه ٿيون ته شادي جو لطف نه ايندو* ڪو خوشي جو موقعو اچي ويو، هاڻي ماڻهو خاندان ۾ پنهنجو نڪ رکڻ (يعني عزت بچائڻ) جي لاءِ شريعت کي پويان ڪري ڇڏيندا آهن* پردي جو معاملو آهي، ان تي اچي خانداني رواج، معاملا وغيره ڏسي ماڻهو شريعت تي عمل ناهن ڪندا * مثال طور جيڪڏهن پنهنجي ڌيئرن کي پردو ڪرائيندس ته خاندان وارا ڳالهيون ٺاهيندا * ڏاڙهي رکندس ته ماڻهو ڇا چوندا؟ *عمامو ٻڌي وٺندس ته ماڻهو ڇا چوندا؟*سنت مطابق لباس پائي وٺندس ته ماڻهو ڇا چوندا؟
هي جيڪو مزاج ٺهندو پيو وڃي، اهو سٺو ناهي. هڪ منافق شخص هو: اَخۡنَس بن شُرَيق، ان جي متعلق قرآن ڪريم ۾ ارشاد ٿيو:[1]
وَ اِذَا قِیْلَ لَهُ اتَّقِ اللّٰهَ اَخَذَتْهُ الْعِزَّةُ بِالْاِثْمِ فَحَسْبُهٗ جَهَنَّمُؕ-وَ لَبِئْسَ الْمِهَادُ(۲۰۶)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جڏهن ان کي چيو وڃي ته الله کان ڊڄ ته ان کي ضد ويتَر گناھ تي اڀاري ٿو ته اهڙي کي جهنّم ڪافي آهي ۽ اهو ضرور تمام بُرو ٺڪاڻو آهي.
(سيپارو: 1، البقرة: 206)
معلوم ٿيو: منافق جي اها علامت هوندي آهي ته جيڪڏهن ان کي سمجهايو وڃي ته پنهنجي ڳالهه تي اڙجي ويندو آهي، ٻئي جي ڳالهه مڃڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami