Share this link via
Personality Websites!
بخت نصر ان بدبخت بادشاهه تي حملو ڪيو، ان جو ڪنڌ ڪَپي ڇڏيو ۽ سندس سلطنت تي قبضو ڪري ورتو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! عبرت جي ڳالهه آهي...!! بادشاهه هو، طاقت وارو هو، خزانن وارو هو، 400 سال حڪومت ڪري چڪو هو، جيستائين هي الله پاڪ جي دين جي تابع رهيو، ربِّ ڪريم جو فرمانبردار رهيو، ان جي سلطنت هلندي رهي، جيئن ئي ان دين جو انڪار ڪيو، دين کان منهن موڙيو، عقل جي ڦندي ۾ ڦاٿو، شيطان جي چال ۾ آيو، تباهه ۽ برباد ٿي ويو، ان جي بادشاهت، ان جي سلطنت، ان جو تاج ۽ تخت، ان جي طاقت ڪجهه به ان کي الله پاڪ جي قهر کان بچائي نه سگهي. ان ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي ته اسان کي هر لمحي، هر وقت، زندگي جي هر هر معاملي ۾، هر هر لحاظ کان دين ۽ شريعت جو فرمانبردار رهڻو آهي، ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي، ان ۾ ئي اسان جي عزت آهي، ان ۾ ئي ٻنهي جهانن جي ڪاميابي آهي، اهو ئي اسان جي زندگي جو اصل معيار آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! اسان مسلمان آهيون، اسان دين کي، شريعت کي، الله ۽ رسول جي حڪمن کي دل سان مڃيندا آهيون، انهن کي دل ۽ جان سان تسليم ڪندا آهيون پر اسان وٽ هڪ مسئلو آهي، ڪيئي دفعا اسان*پنهنجي ذاتي مزاج جي ڪري*معاشري ۾ رائج رسم ۽ رواج جي ڪري*پنهنجي طور تي پنهنجي دنياوي عزت بچائڻ جي ڪري دين ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami