Share this link via
Personality Websites!
۾ عرض ڪيو: توهان سڀ مون وٽ رهو! جڏهن مون کي دينِ الٰهي جي پيروي ڪندي ڏسو ته مون کي ان جو حڪم ڏيو، جڏهن مون کي دين کان هٽندي ڏسو ته مون کي ان کان روڪيندا رهجو.
علماءِ ڪرام اها ذميواري سنڀالي ورتي، اهو نوجوان بادشاهه علماءِ ڪرام جي رهنمائي ۾ سلطنت هلائڻ لڳو، 400 سالن تائين ان ڪاميابي سان سلطنت هلائي. جڏهن 4 صديون گذري ويون ته شيطان انساني شڪل ۾ ان وٽ آيو، چوڻ لڳو: مَنْ اَنْتَ؟ تون ڪير آهين؟ بادشاهه چيو: مان آدم عَلَیْہِ السَّلام جي اولاد مان هڪ فرد آهيان. هتان کان شيطان ان کي ڦاسايو، چوڻ لڳو: تون ماڻهو ناهين، جيڪڏهن تون ماڻهو هجين ها ته جيئن ٻيا ماڻهو مرن ٿا، تون به مري وڃين ها جڏهن ته تون 4 صدين کان حڪومت ڪري رهيو آهين، توکي موت نه آيو، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته تون انسان نه بلڪه خدا آهين، هي دين ۽ عالمن جي صحبت ڇڏ! ماڻهن کي پنهنجي عبادت طرف گهراءِ!
هاڻي هي شيطان جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ ان تي به عقل پرستي جو ڀوت سوار ٿي ويو، ان دين ۽ الله پاڪ جي موڪليل هدايت ڇڏي ۽ خدائي جي دعويٰ ڪري ڇڏي. جڏهن ائين ٿيو ته الله پاڪ ان وقت جي نبي عَلَیْہِ السَّلام جي طرف وحي موڪلي، حڪم ٿيو: ان بادشاهه کي فرمائي ڇڏيو! جيستائين تون سڌي رستي تي رهئين، مون تنهنجي سلطنت کي زبردست طريقي سان قائم رکيو، هاڻي جڏهن ته تو منهنجي نافرماني شروع ڪري ڏني، پوءِ منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم...!! هاڻي تو تي بخت نصر (نالي ظالم بادشاهه) کي مسلط ڪيو ويندو. پوءِ ائين ئي ٿيو، ڪجهه ئي عرصي بعد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami