Share this link via
Personality Websites!
مسئلن جو درست حل عطا ڪندو آهي *مثال طور مسئله نسوانيت (Feminism) يعني عورتن جي حقن جو مسئلو، صدين کان انسان ان جو حل تلاش ڪندو رهيو آهي، ارسطو ۽ افلاطون جهڙن فلاسفرن ان تي مٿو هنيو آهي ته عورت جي معاشري ۾ ڇا اهميت آهي* نتيجتاً ڪنهن عورت کي نانگ چيو* ڪنهن ان کي شيطان چيو* ڪڏهن ان ويچاري کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو ويو * ڪڏهن ويچاري جي عزت کي داغدار ڪيو ويو ۽ اڄ جي ترقي يافته دور ۾ ڏسي وٺو، هي عقل پرست، دين بيزار غير مسلم...!! انهن عورت کي صرف هڪ اشتهار بڻائي رکي ڇڏيو. هي صرف دين، اسلام آهي، جنهن ٻڌايو ته * عورت جيڪڏهن ڌيءُ هجي ته رحمت هوندي آهي * عورت جيڪڏهن ڀيڻ هجي ته عزت هوندي آهي* عورت جيڪڏهن ماءُ هجي ته ان جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي* ۽ عورت جيڪڏهن گهر واري بڻجي گهر اچي وڃي ته ان جي ذريعي ماڻهوءَ جو اڌ ايمان محفوظ ٿي ويندو آهي* ساڳي طرح معاشيات جو مسئلو...!! پئسو ڪيئن ڪمائڻو آهي؟ خرچ ڪيئن ڪرڻو آهي؟ اهو مسئلو به صدين تائين زيرِ بحث رهيو پر عقل ان جو ڪو حل نه ڪڍي سگهيو، مارڪس ازم، ڪيپٽل ازم وغيره ڪيترا ڪيترا انقلاب آيا، ڪهڙيون ڪهڙيون تحريڪون اٿيون پر مسئلو اتي جو اتي آهي، جيڪي غريب هئا، وڌيڪ غريب ٿيندا وڃن پيا، جيڪي امير هئا، امير تر ٿيندا وڃن پيا، هي صرف اسلام آهي جنهن ان مسئلي جو حل ڏنو، تاريخ گواهه آهي، حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَۃُ اللہِ عَلَیْہ پنهنجي اڍائي سالا دورِ خلافت ۾ اسلامي نظام نافذ فرمايو هو،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami