Share this link via
Personality Websites!
اسان جا پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مڪي جي بازارن ۾ ويندا هئا ۽ اعلان ڪندا هئا: یَا اَیُّہَا النَّاسُ! قُوْلُوْا لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ تُفْلِحُوْا اي انسانو! لَا اِلٰہَ اِلَّا للہُ چئو! (يعني اسلام قبول ڪيو) ۽ فلاح ماڻي وٺو![1] تاريخ گواهه آهي ته ان صداءِ هدايت تي جنهن جنهن لبيڪ چيو، اهو ترقي ۽ عروج جي ان بلندي تي پهتو جنهن جو تصور نٿو ڪري سگهجي، ۽ جنهن ان جو انڪار ڪيو اهو ذلت ۽ رسوائي جي کڏ ۾ ڪري پيو، ڏسو! *ابوجهل انڪار ڪيو، اڄ ابوجهل ڪٿي آهي؟ ان جو نالو نشان تائين باقي ناهي، حضرت صديقِ اڪبر رَضِیَ اللہُ عنہ ڪلمو پڙهيو، ڪهڙي بلندي تي پهتا...!! *ابولهب انڪار ڪيو، تباهه ۽ برباد ٿي ويو، حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عنہ ڪلمو پڙهيو، اهڙا بلند رتبي وارا ٿيا جو اڄ جا بي دين به سندن سيرت مان سبق سکندا آهن*عتبه، شيبه وغيره مڪي جي سردارن انڪار ڪيو، اڄ انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪو ناهي، حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ حبشه جا هئا، پاڻ ڪلمو پڙهيائون پوءِ اهو وقت به زماني ڏٺو جو پاڻ ڪعبي جي ڇت تي بيهي اذان ڏئي رهيا هئا.
خبر پئي! هي دين آهي، هي اِلهامي هدايت آهي، هي ربّ جي موڪليل رهنمائي آهي، ان هدايت کان سواءِ ڪامياب زندگي گذارڻ ته پري جي ڳالهه آهي، انسان پاڻ کي به پوري طرح نٿو سڃاڻي سگهي.
هي صرف هڪ مثال عرض ڪيو آهي، ان کان علاوه ٻيا به تمام گهڻا مسئلا آهن ته انسان هزارين سال عقل هلايو، پوءِ به انهن مسئلن جو حل نه نڪري سگهيو، هي صرف الله پاڪ جو موڪليل دين آهي جيڪو انهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami