Share this link via
Personality Websites!
فضائل ۽ فائدا ذهن ۾ رکو * نماز پڙهي هڪدم مسجد مان نڪرڻ بدران ڪجهه وقت مسجد ۾ ئي ويهي تسبيحِ فاطمه پڙهو * روزانو پنهنجو جائزو وٺو ته اڄ ڪيتريون نمازون آهن جن کان پوءِ تسبيحِ فاطمه ۽ آية الڪرسي پڙهي، جائزو وٺڻ جو بهترين طريقو ”نيڪ اعمال“ جو رسالو ڀرڻ آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر 5 جي مطابق پنجن ئي نمازن کان پوءِ وظائف پڙهڻ جي عنوان تي مفيد ترين معلومات حاصل ڪئي. نيت ڪريو ته روزانو هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، سورة الاخلاص ۽ تسبيحِ فاطمه پڙهنداسين.اِنْ شاۤء اللہُ الکَرِیْم !
الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بجاہِ خاتمِ النبيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائڻ واري دعا
آئينو ڏسڻ وقت جي دعا
اَللّٰھُمَّ اَنْتَ حَسَّنْتَ خَلْقِیْ فَحَسِّنْ خُلُقِیْ
ترجمو: اي الله! تو منهنجي صورت ته چڱي بڻائي آهي منهنجا اخلاق به چڱا ڪري ڇڏ. ([1])
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami