Share this link via
Personality Websites!
5 سٺيون ڳالهيون اپنائيندو آهي، اهو حقيقي انسان آهي ۽ جيڪو شيطان وارا انداز اختيار ڪندو آهي، اهو ڏسڻ ۾ انسان آهي پر عادتن ۾ شيطان جهڙو آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان اهي 5 سٺيون عادتون اپنايون:
پنهنجي غلطي مڃڻ جي عادت بڻايو! انسان کان غلطي ٿي ويندي آهي عربي جي چوڻي آهي: اَلْاِنْسَانُ مِنَ النِّسْیَانِ يعني انسان ڀُلَ وارو آهي. سٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي غلطي تسليم ڪري وٺندو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: كُلُّ بَنِي آدَمَ خَطَّاءٌ، وَخَيْرُ الْخَطَّائِينَ التَّوَّابُونَ هر انسان کان خطا ٿي ويندي آهي ۽ سٺو خطا ڪار اهو آهي جيڪو توبھ جي طرف وَڌي ويندو آهي.[1]
اسان وٽ اهو هڪ وڏو مسئلو آهي: ماڻهو پنهنجي غلطي مڃڻ لاءِ تيار ناهن هوندا* ان کي اَنَا جو مسئلو بڻائي وٺندا آهن* غلطي مڃڻ ۾ نڪ ڪٽجندي نظر ايندو آهي* ڪنڌ جهڪائڻ ڏکيو لڳندو آهي*ڀلا پنهنجي ننڍن کان معافي گهرڻ جي همت ڪير ڪري؟ * اهڙي طرح لالچ آڏو ايندي آهي* مثلاً غلطي مڃي ورتي ته نوڪري هلي ويندي * پيسا اچڻ بند ٿي ويندا ۽ ائين ئي ٿيندو آهي: ماڻهو پنهنجي غلطي ناهن مڃيندا حالانڪه اها ان غلطي کان به وڏي غلطي آهي*ان جي ڪري گهر ٽٽي ويندا آهن* جهيڙا ٿي ويندا آهن* طلاق ٿي ويندي آهي* ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي ويندو آهي* ڪيترا ئي مسئلا سامهون اچي ويندا آهن* توهان تاريخ پڙهي ڏسو! ڪيتريون سلطنتون آهن جيڪي صرف پنهنجي غلطي نه مڃڻ جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويون...!! هي غلطي نه مڃڻ جا نقصان آهن.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami