Share this link via
Personality Websites!
راز آهي؟ عُلماءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه م فرمائن ٿا: انهن ٻنهي معاملن ۾ 5 ڳالهين جو فرق آهي.[1] (1): حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان خطا ٿي، پاڻ خطا جو اِقرار ڪري ورتو، شيطان گناهه ڪيو ته ان پنهنجو گناهه مڃيو نه بلڪه ان تي حُجّت بازي ڪئي، پنهنجا دليل ڏنا (2): ٻيو فرق هي آهي ته حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پنهنجي خطا جو ذميوار پاڻ کي قرار ڏنو، عرض ڪيو:
رَبَّنَا ظَلَمْنَاۤ اَنْفُسَنَاٚ-
(سيپارو: 8، الاعراف: 23)
ترجموڪنزُ العرفان: اي اسان جا رب! اسان پنهنجي جانين تي زيادتي ڪئي.
پر شيطان پنهنجي گناهه جي ذميواري پاڻ نه کنئي، ان بدبخت چيو:
رَبِّ بِمَاۤ اَغْوَیْتَنِیْ
(پارہ:14، سورۀ الحجر:39)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ان چيو: اي منهنجا رب! مون کي ان ڳالھ جو قَسم ته تو مون کي گمراھ ڪيو،
الله اڪبر! هي خبيث چئي رهيو آهي: اي الله پاڪ! تو مون کي ڀڙڪائي ڇڏيو. (اَستَغفِرُ الله !) حالانڪه تڪبر ان پاڻ ڪيو، حسد پاڻ ڪيو، سرڪشي پاڻ ڪئي، حرڪتون پنهنجون ٺيڪ نه هيون پر جرئت ڏسو! پنهنجي گناهه جي نسبت (مَعَاذَ الله !) الله پاڪ جي طرف ڪري رهيو آهي. (3): ٽيون فرق هي آهي ته حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم نادم (شرمنده) ٿيا، روايتن مطابق پاڻ ندامت جي ڪري ڪيترن ئي سالن تائين آسمان جي طرف نگاهه نه کنئي جڏهن ته شيطان بدبخت هو، ان شرمنده ٿيڻ بدران آڪڙ ڏيکاري، شرمنده ته ڇا ٿيڻو هو، اُبتو چوڻ لڳو:
لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِیْمَۙ(۱۶)
(پارہ:8، سورۀ الاعراف:16)
ترجمو ڪنزُ العرفان: مان ضرور تنهنجي سڌي رستي تي ماڻهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami