Share this link via
Personality Websites!
حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي نصيحت
حضرت ڪعبُ الاحبار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي تابعي بزرگ آهن، وڏا عالم هئا، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پنهنجي شهزادي حضرت شيث عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي فرمايو: پٽ! تون مون کان پوءِ منهنجو خليفو آهين! جڏهن به الله پاڪ جو ذڪر ڪرين ته گڏوگڏ حضرت مُحَمَّد صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر لازمي ڪجان ڇو ته مون جڏهن اک کولي ته عرش جي پائي تي سندن نالو پاڪ لکيل ڏٺو، پوءِ مون آسمانن جو سير ڪيو ته هر جاءِ تي مُحَمَّد نالو لکيل ڏٺو، پوءِ الله پاڪ مون کي جنّت ۾ رَهايو ته اتي هر محل تي، هر ڪمري تي، حورن جي ڪنڌن تي، طُوبيٰ (جنّت جي سڀ کان وڏي) وڻ تي، ان جي هر هر پنَ تي، سِدْرَۃُ الْمُنْتَہیٰ (يعني آسمانن جي ويجهو هڪ ٻير جي وڻ) جي هر هر پنَ تي، ايتري تائين جو فرشتن جي اکين تي به محمد نالو لکيل هو، بس (اي پيارا پٽ!) حضرت مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر ڪثرت سان ڪندا رهو، بيشڪ فرشتا هر وقت انهن جو ذڪر ڪندا رهندا آهن.[1]
خُدا کا ذِکْر کرے، ذِکْرِ مصطفےٰ نہ کرے
ہمارے مُنہ میں ہو، ایسی زباں خُدا نہ کرے
مداحِ حبيب مولانا جميل رضوي رَحمَةُ الله عَلَيْه جو تمام پيارو ڪلام آهي:
اللہُ اکبر! رَبُّ الْعُلا نے ہر شے پہ لکھا نامِ مُحَمَّد
نُوح و خلیل و موسیٰ و عیسیٰ سب کا ہے آقا نامِ مُحَمَّد
دولت جو چاہو دونوں جہاں کی کر لو وظیفہ نامِ مُحَمَّد
اللہ والا دَم میں بنا دے اللہ والا نامِ مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami