Share this link via
Personality Websites!
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پاتي ويندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: ناپاڪ ڪپڙي جو حصو معلوم نه ٿيڻ تي ڪپڙو پاڪ ڪرڻ جو طريقو.
وضاحت: پاڪ ڪپڙي جو ڪو حصو مثلاً قميص، شلوار، آستين وغيره جو ڪو حصو ناپاڪ ٿي وڃي ۽ هي معلوم نه هجي ته ڪهڙو حصو ناپاڪ آهي ته ان جون 3 صورتون آهن: (1): ڪپڙي جي ناپاڪ حصي جي باري ۾ علم نه هجي ته پوري ڪپڙي کي ڌوئي پاڪ ڪري وٺڻ بهتر آهي. (2): ڪپڙي جي ناپاڪ حصي جي باري ۾ تحري يعني غور و فڪر ڪيو وڃي ته ڪهڙو حصو ناپاڪ آهي، پوءِ جنهن حصي جي باري ۾ گمان هجي ته هي ناپاڪ آهي ته صرف اهو حصو ڌوئڻ سان ڪپڙو پاڪ ٿي ويندو. سوچ ويچار سان ڪپڙا پاڪ ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته ڪپڙي جو ڪو ٻيو حصو ناپاڪ هو، ته جيڪڏهن ان ڪپڙي ۾ نماز ادا ڪئي ته اها نماز ٿي ويندي. ان جو اعادو(ٻيهر پڙهڻ) به لازم نه ٿيندو. (3): ڪپڙي جو ناپاڪ حصو معلوم نه ٿيڻ جي صورت ۾ تحري يعني غور فڪر ڪرڻ بغير ڪنهن هڪ حصي کي پاڪ ڪرڻ سان به ڪپڙو پاڪ ٿي ويندو ۽ هن صورت ۾ جيڪڏهن بعد ۾ معلوم ٿئي ته ڪپڙي جو ٻيو حصو ناپاڪ هو، ته انهن ڪپڙن ۾ جيڪي نمازون ادا ڪيون آهن، انهن کي ٻيهر پڙهڻ لازم آهي، شرط هي آهي ته نجاست قدرِ مانع هجي. آخري ٻن صورتن ۾ ناپاڪ حصي جي باري ۾ علم ٿيڻ کان پوءِ ان ڪپڙي کي نماز جي لاءِ استعمال ڪرڻ کان پهريان ناپاڪ حصي کي پاڪ ڪرڻ ضروري آهي.[1] الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami