Share this link via
Personality Websites!
پنجين سٺي عادت آهي ته الله پاڪ جي رحمت کان مايوس نه ٿيو، الله پاڪ وڏو مهربان آهي، رحم فرمائڻ وارو آهي، توبھ قبول فرمائڻ وارو آهي، گناهه ٿيو، غلطي ٿي، ان جي رحمت مان اميد رکو! ۽ جلد کان جلد توبھ ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توبھ قبول ٿي ويندي.
هڪ روايت ۾ آهي: ٻانهو گناهه ڪندو آهي، فرشتا ان کي لکڻ کان رڪيل رهندا آهن، پوءِ ٻيو گناهه ڪندو آهي، ٽيون، چوٿون، پنجون گناهه ڪري وٺندو آهي، پوءِ انهن 5 گناهن کان پوءِ هڪ نيڪي ڪندو آهي (هاڻي هر نيڪي جو ثواب ڇو ته 10 ڀيرا وڌيڪ آهي، تنهنڪري) ان جي اعمال نامي ۾ 5 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ 5 نيڪيون گناهن جو ڪفارو ٿي وينديون آهن، ان تي شيطان رڙيون ڪندو آهي: هاءِ! مان اِبْنِ آدم تي ڪيئن قابو پايان...؟ مون ڪوشش ڪئي (ان کان 5 گناهه ڪرايا)، ان هڪ ئي نيڪي ڪري منهنجي سڄي محنت ضايع ڪري ڇڏي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! منهنجي رب جي رحمت ڪيتري وڏي آهي...!! جيڪو ان جي حضور رجوع ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي.
منقول آهي: بني اسرائيل ۾ هڪ نهايت عبادت گذار شخص هو، ان وقت جي بادشاهه کي ان جي باري ۾ علم ٿيو ته بادشاهه انهن کي درٻار ۾ گهرايو ۽ چيو: مان چاهيان ٿو ته توهان مون سان گڏ ئي رهو. ان تي عبادت گذار نيڪ شخص چيو: بادشاهه سلامت! مان توهان کان هڪ سوال پڇان ٿو، فرض ڪيو! مان توهان سان گڏ رهڻ لڳس، هاڻي هڪ ڏينهن توهان ٻاهر کان آيا ۽ ڏٺو ته مان توهان جي ڪنيز سان کيڏي رهيو آهيان ته توهان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami