Share this link via
Personality Websites!
بَلْ یُرِیْدُ الْاِنْسَانُ لِیَفْجُرَ اَمَامَهٗۚ(۵)
(پارہ:29، سورۀ القیامة:5)
ترجموڪنزُالعرفان: بلڪه انسان چاهي ٿو ته اهو پنهنجي اڳيان کي ڪوڙو چوي.
حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ الله عَنْهُ هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: يعني انسان گناهه اڳتي وڌائيندو آهي ۽ توبھ ۾ دير لڳائيندو آهي، اڄ توبھ ڪريان ٿو، سڀاڻي توبھ ڪريان ٿو، اهو ئي چوندو رهندو آهي پر گناهه ناهي ڇڏيندو (ايتري تائين جو گناهه ڪندي ڪندي ئي موت جي ويجهو اچي ويندو آهي.)[1]
ان ڪري پيارا اسلامي ڀائرو! توبھ ۾ جلدي ڪرڻ جي عادت بڻايو! الله پاڪ ڏاڍو مهربان آهي، اهو توبھ ڪرڻ وارن سان پيار فرمائيندو آهي.
حديث پاڪ ۾ آهي: ٻانهو هڪ نيڪي ڪندو آهي ته ساڄي ڪلهي وارو فرشتو 10 نيڪيون لکي وٺندو آهي ۽ جڏهن ٻانهو گناهه ڪندو آهي ته کاٻي ڪلهي وارو فرشتو ان کي لکڻ لڳندو آهي، ان تي ساڄي ڪلهي وارو فرشتو چوندو آهي: رڪجي وڃ! پوءِ فرشتو 7 گهڙين تائين رڪيل رهندو آهي، جيڪڏهن ماڻهو اِسْتِغْفَار ڪري وٺي (يعني الله پاڪ کان معافي گهري وٺي) ته ان جو گناهه ناهي لکيو ويندو.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ جي رحمت ڪيتري وڏي آهي...!! گناهه ٿي ويو، هاڻي دير نه ڪريو! جلدي جلدي توبھ ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اعمال نامي ۾ گناهه نه لکيا ويندا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami