Share this link via
Personality Websites!
تي وجهڻ سان ڪو حل نه نڪرندو، جيڪڏهن پنهنجي غلطي پنهنجي ئي مٿان کڻنداسين ته شرمندگي به ٿيندي ۽ اڳتي ان غلطي کان بچڻ جو به ذهن ٺهندو. تنهنڪري جيڪو پنهنجي اصلاح چاهي ٿو، ان کي گهرجي ته پنهنجي غلطي پنهنجي ئي مٿان کڻڻ جي عادت بڻائي وٺي.
ٽئين سٺي عادت جيڪا اسان کي اپنائڻي آهي، اها هي ته غلطي ٿي وڃي ته ان تي شرمنده ٿيڻ جي عادت بڻايون. غلطي ٿي وئي ته هاڻي اندر ئي اندر شرمندگي محسوس ٿيڻ گهرجي، گهرجي ته اسان جو ضمير اسان کي جهنجھوڙي ته افسوس! هي مون کان ڇا ٿي ويو...!! هاءِ! افسوس! مون ڪيڏو نه بُرو ڪم ڪري ڇڏيو....!! هاءِ! افسوس! مون ڪيترو بڇڙو ڪم ڪري ڇڏيو، افسوس! مون کان گناهه ٿي ويو...!! ائين اندر ئي اندر شرمنده ٿينداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! غلطي جو احساس به ٿيندو، اڳتي اهڙي غلطي کان بچڻ ۾ به مدد ملندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته ان شرمساري جو انعام به ملي ئي ويندو.
حضرت
ڪعبُ الاحبار رَحۡمَةُ
الله
عَلَيۡه فرمائن
ٿا: بني
اسرائيل جا 2
ماڻهو مسجد جي
طرف هليا، هڪ
ته مسجد ۾
داخل ٿي ويو
پر ٻئي تي
خوفِ خدا طاري
ٿي ويو ۽ اهو
ٻاهر ئي ويهي
رهيو ۽ چوڻ لڳو:
مان گنهگار ان
قابل ڪٿي جو
پنهنجو گندو
وجود کڻي الله
پاڪ جي پاڪ
گهر ۾ داخل ٿي
سگهان. الله پاڪ
کي ان جي اها
عاجزي پسند
اچي وئي ۽ ان
جو نالو
صِدِّيقين ۾ لکي
ڇڏيو.[1]
ياد رهي!
صِدِّيق جو
درجو ولي ۽
شهيد کان به
وڏوهوندوآهي.
اِنهيءَ
طرح جي هڪ
حڪايت ڪتَابُ
التَّوَّابِين
صَفحي 83 تي لکيل
آهي: هڪ شخص کان
گناهه ٿي ويو،
اهو بيحد نادم
ٿيو ۽ بيقرار ٿي
هيڏانهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami