Share this link via
Personality Websites!
ڪٿي ٿو ڏئي(يعني پنهنجي برائين جو الزام معاشري جي مٿان وجهي ڇڏيو)* ڏاڙهي پاڻ ڪوڙائي ۽ چئي ڇڏيو: حجم جو قصور آهي، ان ڪوڙي ڇڏي هئي* مون کي ته فلاڻي دوست ڀڙڪائي ڇڏيو هو وغيره، ائين اسان ٻين جي مٿان الزام وجهي پاڻ کي تسلي ڏئي وٺندا آهيون، هي غلط انداز آهي، روز قيامت جڏهن جهنمين کي جهنم ۾ وڌو ويندو ته اهي هي ڪم ڪندا، قرآن پاڪ ۾ آهي:
كُلَّمَا دَخَلَتْ اُمَّةٌ لَّعَنَتْ اُخْتَهَاؕ-حَتّٰۤى اِذَا ادَّارَكُوْا فِیْهَا جَمِیْعًاۙ-قَالَتْ اُخْرٰىهُمْ لِاُوْلٰىهُمْ رَبَّنَا هٰۤؤُلَآءِ اَضَلُّوْنَا فَاٰتِهِمْ عَذَابًا ضِعْفًا مِّنَ النَّارِ ﱟ-قَالَ لِكُلٍّ ضِعْفٌ وَّ لٰكِنْ لَّا تَعْلَمُوْنَ(۳۸)
(پارہ:8، سورۀ الاعراف:38)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جڏهن هڪ ٽولو (جهنّم ۾) داخل ٿيندو ته ٻي (ٽولي) تي لعنت ڪندو ايستائين جو جڏهن سمورا ان ۾ جمع ٿي ويندا ته انهن مان بعد وارا پهريان وارن لاءِ چوندا: اي اسان جا رب! انهن اسان کي گمراھ ڪيو هو سو تون انهن کي باھ جو ٻيڻو عذاب ڏي. الله فرمائيندو: سڀني جي لاءِ ٻيڻو آهي پر توهان کي معلوم نه آهي.
هي غير مسلمن جو حال آهي...!! هتي دنيا ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا آهن، گڏجي خوشيون ملهائيندا آهن، ڏوھَ گڏ ڪندا آهن، الله ۽ رسول جون گستاخيون گڏجي ڪندا آهن، جڏهن جهنم ۾ ويندا ته هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا ته مولا! هي آهن جن اسان کي ڀٽڪايو، انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي...!! پر حڪم ٿيندو: توهان سڀني جي لاءِ ٻيڻو عذاب آهي.
هي سمجهڻ جي ڳالهه آهي: غلطي ٿي وئي، سو ٿي وئي، هاڻي ان کي مڃي به وٺو ۽ ان جو ذميوار به پاڻ کي ئي قرار ڏيو، غلطي جو الزام ٻين
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami