Share this link via
Personality Websites!
ورهائي وٺنداسين. جيئن ته انهن مان هڪ شخص بازار ويو، جڏهن ان ماني خريد ڪئي ته ان جي دل ۾ هي شيطاني خيال آيو ته مان هن ماني ۾ زهر ملائي ڇڏيان ٿو جيئن ئي اهي ٻئي ان کي کائيندا ته مري ويندا ۽ سمورو سون مان کڻي ڇڏيندس، جيئن ته ان ماني ۾ زهر ملائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ساٿين جي طرف هليو، اتي انهن ٻنهي جي نيتن ۾ به سون ڏسي فتور اچي ويو ۽ انهن ٻنهي مشورو ڪيو ته جيئن ئي اسان جو ٽيون ساٿي ماني کڻي ايندو اسان ان کي قتل ڪري ڇڏينداسين ۽ سون اسان ٻئي پاڻ ۾ ورهائي وٺنداسين، بهرحال جيئن ئي اهو ماني کڻي انهن وٽ پهتو، انهن ٻنهي ان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ وڏي مزي سان زهر مليل ماني کائڻ لڳا، ڪجهه ئي دير کان پوءِ زهر پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ اهي ٻئي به اتي ئي ڍير ٿي ويا ۽ سون ائين ئي پيل هو.
ڪجهه عرصي بعد حضرت سيدُنا عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيهر اتان گذريا ته ڏٺائون ته سون اتي ئي موجود آهي ۽ اتي 3 لاشَ پيا آهن. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اهو ڏسي فرمايو: هي دنيا هڪ دوکو آهي تنهنڪري ان کان بچو (يعني جيڪو ان جي لالچ ۾ ڦاٿو اهو هلاڪ ٿي ويو).[1]
هي آهي غلطي نه مڃڻ جو وبال...!! جيڪڏهن هي شخص پنهنجي غلطي بروقت مڃي وٺي ها ته هلاڪت کان به بچي وڃي ها ۽ الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي صحبت به ميسر رهي ها پر هي لالچي هو، ان غلطي نه مڃي، آخر جڏهن لالچ ۾ اچي غلطي مڃي، ته ان وقت تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ان ڪري ان کان اڳ جو تمام گهڻي دير ٿي وڃي، پنهنجي غلطي مڃڻ سکي وٺو!
اسان وٽ هي به هڪ وڏو مسئلو آهي، ماڻهو پنهنجا عيب ناهن ڏسندا، ٻين جا عيب ڳوليندا آهن. هڪ چوڻي به آهي: پنهنجو وڏو عيب به نظر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami