Share this link via
Personality Websites!
جنهن توکي منهنجي هٿان هي معجزو ڏيکاريو، تون سچ ٻڌا ته اها ماني ڪنهن کنئي هئي؟ اهو شخص چوڻ لڳو: مون کي معلوم ناهي ته ماني ڪنهن کنئي هئي؟ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام شخص کي وٺي ٻيهر سفر تي روانا ٿيا، رستي ۾ هڪ دريا آيو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شخص جو هٿ پڪڙيو ۽ ان کي وٺي پاڻي تي هلندي درياء پار ڪري ورتو، پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي فرمايو: توکي ان پاڪ پروردگار جو قسم! جنهن توکي منهنجي هٿان هي معجزو ڏيکاريو، سچ ٻڌا ته ٽئين ماني ڪنهن کنئي هئي؟ ان وري اهو ئي جواب ڏنو ته مون کي معلوم ناهي. پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شخص کي وٺي اڳتي وڌيا، رستي ۾ هڪ ويران صحرا اچي ويو. پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي فرمايو: ويهي رهو، پوءِ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪجهه وَاري جمع ڪئي ۽ فرمايو: اي واري! الله پاڪ جي حڪم سان سون بڻجي وڃ ته اها واري فوراً سون ۾ تبديل ٿي وئي. پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان جا 3 حصا ڪيا ۽ فرمايو: هڪ حصو منهنجو ٻيو تنهنجو ۽ ٽيون حصو ان جي لاءِ آهي جنهن اها ماني کنئي هئي، اهو ٻڌي اهو شخص چوڻ لڳو: اها ماني مون ئي لڪائي هئي.
حضرت سيدُنا عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شخص کي فرمايو: اهي ٽيئي حصا تون ئي کڻ. ايترو چوڻ کان پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شخص کي اتي ئي ڇڏي اڳتي روانا ٿي ويا. اهو ايترو گهڻو سون ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ان اهو سڄو سون کڻي ورتو، ايتري ۾ اتي ٻه ٻيا شخص پهتا جڏهن انهن ڏٺو ته هن ويراني ۾ اڪيلو شخص آهي ۽ ان وٽ گهڻو سون آهي ته انهن ارادو ڪيو ته اسان هن شخص کي قتل ڪري ڇڏيون ٿا ۽ ان کان سون کسي وٺون ٿا، جڏهن اهي ان کي قتل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته ان شخص چيو: توهان مون کي قتل نه ڪريو بلڪه اسان هن سون کي پاڻ ۾ ورهائي وٺون ٿا، اهي ان ڳالهه تي راضي ٿي ويا ته اسان هي سون برابر برابر ورهائي وٺون ٿا، پوءِ ان شخص چيو: ايئن ڪريون ٿا ته اسان مان هڪ شخص وڃي ويجهي بازار مان ماني خريد ڪري اچي، ماني کائڻ کان پوءِ اسان هي سون پاڻ ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami