Share this link via
Personality Websites!
ياد رکو! سٺو اهو آهي جيڪو پاڻ ئي پنهنجي غلطي مڃي وٺندو آهي، اهو بچي ويندو آهي، ان جي لاءِ نجات جون راهون نڪري اينديون آهن پر جيڪو پنهنجي غلطي ناهي مڃيندو، پوءِ وقت ان کان مڃرائي وٺندو آهي، ۽ جڏهن وقت غلطي مڃرائيندو آهي تڏهن تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي. ان ڪري غلطي ٿي وڃي ته بروقت پنهنجي غلطي تسليم ڪري وٺو! نه ته وڏو نقصان به کڻڻو پئجي سگهي ٿو.
حضرت جرير رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روايت ڪن ٿا: هڪ ڀيري حضرت سيدُنا عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سفر تي روانا ٿيا، رستي ۾ هڪ شخص مليو، ان عرض ڪيو: حضور! مون کي به پنهنجي بابرڪت صحبت ۾ رهڻ جي اجازت عطا فرمايو، مان به اوهان سان گڏ سفر ڪرڻ چاهيان ٿو. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان کي پنهنجي همراهي جي اجازت عطا فرمائي. رستي ۾ نهر جي ڪناري پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ماني کائڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا، پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وٽ 3 مانيون هيون، هڪ هڪ ماني ٻنهي کائي ورتي، ۽ ٽئين ماني بچي پئي. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ماني کي اتي ئي ڇڏي نهر تي ويا ۽ پاڻي پيتائون، پوءِ جڏهن واپس آيا ته ڏٺائون ته ماني غائب آهي، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شخص کان پڇيو: ٽئين ماني ڪاڏي وئي؟ ان چيو: مون کي معلوم ناهي، پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: اچو اسان پنهنجي سفر تي هلون ٿا. اهو شخص اٿيو ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام سان گڏ هلڻ لڳو، رستي ۾ هڪ هرڻي پنهنجي 2 خوبصورت ٻچن سان بيٺي هئي، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هرڻي جي هڪ ٻچي کي پاڻ ڏي سڏيو ته اهو پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جو حڪم مڃيندي ئي فوراً حاضر خدمت ٿي ويو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي ذبح ڪيو، ان کي ڀُڳو ۽ ٻنهي ان جو گوشت کاڌو، پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان جون هڏيون هڪ جاءِ تي جمع ڪيون ۽ فرمايائون: الله پاڪ جي حڪم سان اٿي بيھ، فوراً اهي هڏيون ٻيهر هرڻي جو ٻچو بڻجي ويون ۽ اهو ٻچو پنهنجي ماءُ ڏانهن روانو ٿي ويو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شخص کي فرمايو: اي شخص! توکي ان ذات جو قسم!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami