Book Name:Marhoom Waldayn Ke Huqooq
عطار قادري دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ سوالن جا جواب به عطا فرمائيندا. سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به دعوت ڏين * شيخِ طريقت، امير اهل سنت دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ يا خليفهءِ امير اهل سنت دَامَت بَرَکاتہمُ الْعَالِیہ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب به ارشاد فرمائيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي ( وڏي عمر ماڻڻ جو نسخو) جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪريو! * قرآن، حديث، عقائد، تصوف ۽ فقه ۾ مڪمل مهارت رکڻ واري چوڏهين صديءَ جي بي مثال عالمِ دين امام احمد رضا خان رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي سيرت جي مختلف پهلوئن تي ”فيضانِ امام اهل سنت“. جي نالي سان هڪ ڪتان شايع ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 415 روپين ۾ خريد فرمايو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگيءَ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مَنْ أَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ أَحَبَّنِي وَمَنْ أَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان