Book Name:Marhoom Waldayn Ke Huqooq
حصو وٺو، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ به آهي.
نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنتِ مصطفيٰ آهي: * الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فجر جي لاءِ ويندي سمهيلن کي جاڳائيندا هئا. ([1]) * مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللہُ عنہ جو به اهو ئي انداز هو. ([2]) * ۽ مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللہُ عنہ جو به ان پياري پياري سنت تي عمل هو. ([3])
* توهان به هيءَ سنت اختيار ڪريو! نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * ٻين کي جاڳائيندا ته پاڻ کي به نمازِ فجر باجماعت پڙهڻ جي سعادت ملندي * صبح صبح نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو * توهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توهان جي اعمال نامي ۾ به لکيو ويندو * صبح صبح پيدل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت به سٺي رهندي.
اِهو ڪو مشڪل ڪم نه آهي، جماعت جي وقت کان 20، 25 منٽ اڳ اٿو! نمازِ فجر جي لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا لڳائيندا وڃو! مسجد به پهچي ويندا ۽ الله پاڪ جي فضل سان نيڪي جي