Share this link via
Personality Websites!
هجري ۾ بخارا ۾ پيدا ٿيا. ([1]) ۽ 62 سالن جي عمر ۾ پهرين شوال جي رات 256 هجري ۾ هن فاني دنيا کان رخصت ٿيا. ([2]) سندن مزار پرانوار سمرقند جي ويجهو خَرتَنڪ نالي هڪ علائقي ۾ آهي.([3])
امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سڄي زندگي علمِ حديث جي خوب خدمت ڪئي، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏا عبادت گذار، زاهد ۽ متقي هئا، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وفات کان پوءِ ڪافي عرصي تائين سندن قبر شريف مان مشڪ کان به وڌيڪ سٺي خوشبو ايندي رهندي هئي، ماڻهو تبرڪ طور (يعني برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ) سندن مزار مبارڪ جي مٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا. ([4])
امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزار پاڪ جي برڪت
اُزبڪستان جو هڪ تمام پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي: سمرقند۔ تقريباً هڪ هزار سال پهريان جي ڳالهه آهي، سمرقند ۾ سخت ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي، برساتون بند ٿي ويون، فصل سُڪي ويا ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي، تنهنڪري ماڻهن کي سخت پريشانيءَ جو منهن ڏيڻو پيو. ماڻهن ڪيئي ڀيرا نمازِ استسقاء (يعني الله پاڪ کان برسات گهرڻ جي لاءِ، خاص نماز) به پڙهي، دعائون به گهريون پر برسات نه وَسڻي هئي نه وَسِي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami