Share this link via
Personality Websites!
دعوتِ اسلامي جي هڪ شعبي جو تعارف: آئي ٽِي ڊپارٽمنٽ
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! آئي ٽي ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي پنهنجون خدمتون سَرانجام ڏئي رهي آهي۔ ان سلسلي ۾ دعوتِ اسلامي جو باقاعدي هڪ شعبو آئي ٽي ڊپارٽمينٽ جي نالي سان موجود آهي. جتي ان شعبي جا پروفيشنل حضرات مختلف ويب سائيٽس ۽ ايپلي ڪيشنز جي ذريعي علمِ دين عام ڪرڻ ۾ مصروف آهن۔
هن شعبي جي تحت هن وقت تائين 40 ويب سائيٽون * 32 موبائيل ايپلي ڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهن، هڪ ايپلي ڪيشن دعوت اسلامي ڊجيٽل سروسز Dawateislami Digital Services به آهي، جنهن جي ذريعي توهان دعوتِ اسلامي جي سڀني سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ ويب سائيٽس کي استعمال ڪري سگهو ٿا۔
ليلة الجائزھ (چنڊ رات) ۾ عبادت جي ترغيب
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جتي اسان کي رمضان شريف ۾ لَيلَةُ القَدر جهڙي عظيم رات عطا ڪئي آهي اتي ئي هن مبارڪ مهيني کان فوراً بعد لیلۃ ُالجائِزہ يعني انعام جي رات سان به نوازيو آهي۔ (عيدالفطر جي رات يعني چنڊ رات کي ” لیلۃ ُالجائِزہ“ چيو وڃي ٿو.) * هيءَ رات الله پاڪ جي رحمتن * ۽ مغفرتن جي رات آهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami