Share this link via
Personality Websites!
اسان سڌري ڪيئن سگهنداسين؟ اسان جون حالتون ڪيئن بدلجنديون؟ روزي ۾ برڪت ڪٿان ايندي؟ بيمارين کان حفاظت ڪيئن ٿي سگهندي...؟ هيءَ ته دنيا جي ڳالهه آهي، اهڙيون نمازون کڻي اسان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ڪيئن حاضري ڏينداسين ...؟
تنهنڪري منهنجا پيارا اسلامي ڀائرو! نماز هڪ اهم ترين عبادت آهي، ان جي لاءِ باقاعدي وقت ڪڍو! نماز پوري اهتمام سان پڙهندا ڪريو! پوري اطمينان سان، سنتن ۽ مستحبات جو خيال رکندي وضو ڪريو! پوءِ وڏي سليقي ۽ وقار سان، دل ۾ عاجزي رکي، خوفِ خدا کان لرزندي مسجد ۾ اچي صف ۾ بيهو! پوءِ پوري توجهه ۽ مڪمل اطمينان سان نماز پڙهو! توهان ڏسندؤ ته، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪجهه ئي ڏينهن ۾ دل جي ڪاراڻ دور ٿيڻ شروع ٿي ويندي، ۽ دل ۾ نور ڀرجڻ شروع ٿي ويندو، پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اُهي برڪتون نصيب ٿينديون جو دنيا ۽ آخرت سنورجي ويندي۔
اطمينان سان نماز پڙهڻ جي فضيلت
حديث پاڪ ٻڌو! حضرت عباده بن صامت رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته نبيءِ رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي: جيڪو شخص چڱي طرح وضو ڪري، پوءِ نماز جي لاءِ بيهي، ان جي رڪوع، سجدن ۽ قراءت کي مڪمل ڪري ته نماز چوندي آهي: الله پاڪ تنهنجي حفاظت ڪري جيئن تو منهنجي حفاظت ڪئي۔ پوءِ ان نماز کي آسمانن ڏانهن کنيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ چمڪ ۽ نور هوندو آهي، ان جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن، ايتريقدر جو ان کي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami