Share this link via
Personality Websites!
جهڙيون حالتون آهن، دنيا ۾ مصروفيت ايتري وَڌِي وئي آهي جو نماز جو فڪر ئي نه رهيو آهي ...!! جيڪي نماز پڙهندا آهن، انهن ۾ به ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي ڊوڙندا ڊوڙندا مسجد ۾ پهچندا آهن، جيئن تيئن ڪري وضو ڪيائون، ائين ئي وضو جا قطرا مسجد ۾ ٽپڪي رهيا هوندا آهن، سندن قميص جون ٻانهون ٺُوٺين تائين مٿي چڙهيل هونديون آهن، جلدي جلدي آيا، نماز شروع ڪري ڏنائون، هاڻي نماز ۾ پڙهڻ جي لاءِ سورت ته اسان کي هڪ ئي ايندي آهي، سورة اخلاص... ان کان علاوه ٻيون سورتون ياد ڪرڻ جو ذهن ئي نه هوندو آهي .... بس سڀئي رڪعتون انهيءَ هڪ ئي سورت سان جلدي جلدي پڙهيون، رڪوع پورو ٿيو يا نه، سجدو پورو ٿيو يا نه، رڪوع مان اڃان سڌو ٿي بيٺا به نه هئا ته سجدي جي لاءِ جهڪڻ شروع ڪيائون، پهرين سجدي مان اٿي سڌو ٿي ويٺا به نه هئا ته ٻئي سجدي ۾ پهچي ويا... اهڙي طرح جلدي جلدي جيئن تيئن نماز پڙهندا آهن ۽ هليا ويندا آهن ....!! هي اسان جي نمازن جو انداز آهي ۽ اسان حديث پاڪ ٻڌي، جيڪو شخص نماز جي رڪوع ۽ سجدن کي پورو نه ڪندو آهي، ته نماز چوندي آهي: جيئن تو مون کي ضايع ڪيو، الله پاڪ توکي به ضايع ڪري۔
الله جي پناهه! الله جي پناهه ...!! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪريو! اسان جي نماز، اها عظيم الشان عبادت جنهن کي اسان جي ڪردار کي سنوارڻو هو، جنهن کي اسان کي گناهن جي گندگيءَ کان پاڪ ڪرڻو هو، جنهن کي اسان کي برائي ۽ بي حيائيءَ کان بچائڻو هو، جڏهن اها نماز ئي اسان جي ضايع ٿيڻ جون دعائون ڪري رهي هجي ته پوءِ ٻڌايو اسان وٽ باقي ڇا وڃي بچندو...؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami