Share this link via
Personality Websites!
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
الوداع! الوداع! ماههِ رمضان ...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجهه ئي ڏينهن پهريان جي ڳالهه آهي، عاشقانِ رمضان انتظار ۾ هئا ته رمضان شريف اچڻ وارو آهي * تياريون ٿي رهيون هيون * پنهنجو وقت نيڪين ۾ گذارڻ وارا خوش نصيب رمضان جا عاشق پنهنجو جدول (Schedule) ٺاهي رهيا هئا ته رمضان شريف ڪيئن گذارڻو آهي؟ ان جي لاءِ اَڳواٽ ئي هدف مقرر ڪيا پئي ويا * عاشقانِ رمضان جون دليون بيتاب
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami