Share this link via
Personality Websites!
رهندا آهن. يقيناً اِهو انداز بارگاههِ الٰهي جي آداب جي خلاف آهي، جڏهن ٻانهو پنهنجي مالڪ جي اڳيان بيهي، ته کيس گهرجي ته مڪمل پرسڪون رهي، دل جي ڪيفيت کان وٺي ظاهري بدن جي عضون تائين مڪمل عاجزي جو پيڪر بڻجي انتهائي ادب سان بيٺو رهي.
نماز ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ سان رحمت جو موٽي وڃڻ
حضرت ابوذر رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ بيان ڪن ٿا: رسولِ انور، محبوبِ ربِّ اڪبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جي رحمت نمازي جي طرف متوجهه رهندي آهي جيستائين هو هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسي، جڏهن هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو آهي ته الله پاڪ جي رحمت به ان کان ڦِري ويندي آهي. ([1])
حضرت ابو هريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ بيان ڪن ٿا ته ٻنهي جهانن جي سرور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: جڏهن ٻانهو نماز جي لاءِ بيهندو آهي ته اُهو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيندو آهي، جڏهن هُو هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو آهي ته الله پاڪ ارشاد فرمائيندو آهي: تون ڪنهن جي طرف ڏسي رهيو آهين؟ ڇا مون کان بهتر ڪو ٻيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami