Share this link via
Personality Websites!
اِنَّ الصَّلٰوةَ كَانَتْ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ كِتٰبًا مَّوْقُوْتًا(۱۰۳)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ نماز مسلمانن تي مقرر ڪيل وقت ۾ فرض آهي.
اللہُ اکبر! ٻنهي جهانن جا تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سڀني امتن ۾ افضل ترين امت جا افضل ترين ماڻهو يعني صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم، انهن کي عين جنگ جي حالت ۾ به نماز دير ڪري پڙهڻ جي اجازت نه ملي، پر جنگ جي ميدان ۾ به نماز پڙهڻ بلڪه جماعت قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ هڪ اسان آهيون ...!! مَعَاذَ اللہ! خوامخواهه به نمازون قضا ڪري ڇڏيندا آهيون۔ الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي۔
گھپ اندھیری قبر میں جب جائے گا بے عمل!بے انتِہا گھبرائے گا
کام مال و زر نہیں کچھ آئے گا غافل انساں یاد رکھ پچھتائے گا
سانپ بچّھو قبر میں گر آگئے! کیا کرے گا بے عمل گر چھا گئے!
خير! مان عرض ڪري رهيو هئس، هڪ ته نماز پڙهڻ وارا تمام ٿورا آهن ۽ جيڪي پڙهڻ وارا آهن، انهن ۾ به هڪ تعداد اهڙن جو آهي جيڪي نماز جي آدابن جو خيال نه ڪندا آهن * بي توجهي سان نماز پڙهڻ * هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهڻ * بار بار کَنهَندورهڻ * ڪڏهن وارن، ڪڏهن ڪپڙن ۽ ڪڏهن ڏاڙهي وغيره سان کيڏندو رهڻ، نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون حرڪتون ڪندا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami