Share this link via
Personality Websites!
نماز ڪنهن به صورت ۾ معاف نه آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان به وڏا عجيب ماڻهو آهيون * عيد اچي وڃي ته نمازن ۾ سستي ڪري ڇڏيندا آهيون * گهر ۾ ڪو ننڍو وڏو فنڪشن هوندو آهي ته نمازون قضا ٿي وينديون آهن * اڄڪلهه ته معاذ الله! حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو گهر ۾ فوتگي ٿي وڃي ته ماڻهو نمازون قضا ڪري ڇڏيندا آهن * ميت کي غسل ڏيڻ ۾ مصروف هئس * ڪفن خريد ڪرڻ ۽ سِبرائڻ ۾ مشغول هئس * قبر کوٽائڻي هئي * جنازي ۾ دير ٿي رهي هئي، ان ڪري نماز نه پڙهي، جماعت هلي وئي، پر ويجهو ۽ پري کان جيڪي مهمان آيل هوندا آهن، اهي به فارغ ويٺي ويٺي نماز جو وقت گذاري ڇڏيندا آهن۔ جيتوڻيڪ فوتگي تي آيا آهن، جنازو پڙهي آيا آهن، هاڻي هاڻي پنهنجن هٿن سان ميت کي قبر ۾ لاهي آيا آهن، ان جي باوجود به دل تان پردا نه هٽيا آهن۔ يقين ڪيو! ڪيڏي بي حسيءَ جي ڳالهه آهي۔
پنجين سيپاري ۾، سورت نساء جي آيت: 102 ۾ نمازِ خوف جو طريقو بيان ٿيو آهي، هڪ دفعي پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن غزوي ۾ شريڪ هئا، جتي ڪافرن سان لڙائي هلي رهي هئي، ان دوران نمازِ عصر جو وقت ٿي ويو، هاڻي نماز ڪيئن پڙهڻي آهي؟ يعني عين جنگ جي حالت ۾ غير مسلمن جو لشڪر سامهون موجود آهي، جنگ جي دوران نماز ڪيئن پڙهنداسين؟ ان جو طريقو سورة نساء، آيت: 103۾ ارشاد ٿيو۔ ان کان پوءِ الله پاڪ فرمايو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami