Share this link via
Personality Websites!
اها پوري ٿي وڃي (ته پوءِ سلام ڦيرايان)۔ ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪريو! ڇا ته شان آهي، زهريلو ڪيڙو ڏنگ هڻي رهيو آهي، تڪليف ٿي رهي آهي، جسم سُڄي رهيو آهي پر امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عاشقِ نماز به هئا، عاشقِ قرآن به هئا، تڪليف برداشت ڪندا رهيا پر نماز ۽ تلاوت موقوف ڪرڻ گوارا نه ڪيائون۔
ڪاش! اسان کي به امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو فيضان نصيب ٿي وڃي، باقي اسان جو حال ته ٻڌائڻ جوڳو ئي نه آهي، افسوس! اسان جي نماز ۾ دل ئي نه ٿي لڳي، اول ته ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد آهي جيڪي نماز پڙهندا ئي نه آهن، توهان ان مان ئي اندازو لڳايو! عيد جي نماز ۾ مسجد جي رونق جو آخري اجتماع هوندو آهي، ظهر جي وقت نمازي ڳوليا به نه لڀندا آهن، سڄو سال غائب رهندا آهن، وري ايندڙ سال رمضان شريف ۾ مسجد جو رخ ڪندا آهن۔ بس الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي۔ يقين ڪريو! نماز نه پڙهڻ ايڏو وڏو گناهه آهي، ايڏو وڏو گناهه آهي جنهن جي سنگيني جو اسان اندازو به نه ٿا لڳائي سگهون.
*الله پاڪ فرمائي ٿو:
اَضَاعُوا الصَّلٰوةَ وَ اتَّبَعُوا الشَّهَوٰتِ
ترجموڪنزالعرفان: جن نمازون ضايع ڪيون ۽ پنهنجي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami