Share this link via
Personality Websites!
رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ انداز تمام پيارو آهي، سندن عادت هئي ته نماز کي پنهنجي ڪم جو حصو بڻائي ڇڏيندا هئا۔ مثال طور امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ ڪتاب آهي: تاريخِ ڪبير۔ جن حديث پاڪ کي روايت ڪيو آهي، هِن ڪتاب ۾ امام بخاري انهن جا احوال وغيره لکيا آهن۔ هي ڪتاب امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رِیَاضُ الْجَنَّۃ جي ويجهو ويهي لکيو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! اهڙي طرح سندن سڀ کان مشهور جيڪو ڪتاب آهي: بخاري شريف۔ ان مبارڪ ڪتاب کي لکڻ جو انداز ته انتهائي ادب وارو ۽ عشق و محبت سان ڀرپور هو۔ امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بخاري شريف 16 سالن ۾ مڪمل ڪيو.([2]) هِن ۾ تقريباﹰ 7500 احاديث ڪريمه آهن۔ لکڻ جو انداز امام بخاري هي اختيار ڪيو هو ته هر حديث پاڪ لکڻ کان پهريان تازو غسل فرمائيندا هئا پوءِ 2 رڪعتون نفل پڙهندا هئا ۽ ان کان پوءِ حديث شريف لکندا هئا. ([3])
الله! الله...!! امام بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عشقِ رسول ڏسو! حديث پاڪ آهي، ٻنهي جهانن جي سلطان جي زبان پاڪ مان ادا ٿيڻ وارا مقدس، مبارڪ، منور الفاظ آهن، تنهنڪري امام بخاريءَ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن کي لکڻ لاءِ عشق جون سڀ تقاضائون پوريون ڪيون، هر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami