Jahannam Ke Azabat

Book Name:Jahannam Ke Azabat

قدر آهي.[1] عالم سڳورا فرمائن ٿا ته اُمَّت محمديه جي خاصيت آهي ته انهن کي شبِّ قدر جو تحفو عطا فرمايو ويو آهي.[2] 

لَیْلَةُ الْقَدْرِ ﳔ خَیْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍؕؔ(۳) (پارو: 30، سورة قدر: 3)

ترجمو ڪنز العرفان: شبِ قدر هزار مهينن کان بهتر آهي۔

 

يعني هن رات ۾ نيڪ عمل هزار راتين جي نيڪ عمل کان بهتر آهي۔ وڌيڪ ارشاد فرمايائون:

تَنَزَّلُ الْمَلٰٓىٕكَةُ وَ الرُّوْحُ فِیْهَا بِاِذْنِ رَبِّهِمْۚ-(پارو: 30، سورة قدر: 4)

ترجمو ڪنز العرفان: هن رات ۾ ملائڪ ۽ جبرائيل پنهنجي رب جي حڪم سان هر ڪم جي لاءِ لهندا آهن.

 آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هڪ سائو جهنڊو کڻي فرشتن جي هڪ تمام وڏي فوج سان گڏ زمين تي نازل ٿيندا آهن ۽ ان سائي جهنڊي کي ڪعبي شريف تي لهرائي ڇڏيندا آهن۔[3] هڪ روايت مطابق انهن فرشتن جو تعداد زمين ۾ موجود پٿرين جي تعداد کان به وڌيڪ هوندو آهي۔ اُهي سڀ سلام ۽ رحمت کڻي نازل ٿيندا آهن۔[4] هڪ ٻي حديث پاڪ ۾


 

 



 [1]مراۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:203۔

[2] المجموع  شرح المہذب، جلد:6، صفحہ:447۔

 [3]شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:336، حدیث:3695

[4] مسند بزار، جلد:16، صفحہ:261، حدیث:9447۔