Jahannam Ke Azabat

Book Name:Jahannam Ke Azabat

ٻيهر اُهي ئي ڪم ڪندؤ جن کان توهان کي منع ڪيو ويو آهي. 

هاڻي جهنمي نااميد ٿي ويندا ۽ پنهنجن گناهن تي افسوس ڪندا، پر هاڻي اِها ندامت ڪجھ ڪم نه ايندي، نه ئي افسوس کين ڪو فائدو ڏيندو۔ جهنمين کي طوق پارائي اونڌي منهن اڇلايو ويندو، سندن مٿان، هيٺان، ساڄي کاٻي هر طرف باهه ئي باهه هوندي، اهي باهه ۾ غرق هوندا، باهه ئي سندن کاڌو هوندي، باهه ئي سندن لباس هوندي ۽ باهه ئي سندن وِڇاڻو هوندي۔ جهنمين کي ڍانبر جو لباس پارايو ويندو، جهنمين کي گُرزن سان ماريو ويندو، جهنمين کي ڳريون زنجيرون پارايون وينديون، جهنمي جهنم جي تنگ وادين ۾ رڙيون ڪندا رهندا ۽ ان جي  اونهن کڏن ۾ لغامن سان جڪڙيل هوندا۔ جهنمين جي مٿان ديڳڙيءَ وانگر جوش هڻندڙ باهه مسلط ڪئي ويندي، اهي واويلا ڪندا، آهه و زاري ڪندا، دانهون ۽ ڪُوڪُون ڪندا رهندا۔ جهنمي جڏهن به موت کي گهرندا ته سندن مٿان ٽهڪندڙ پاڻي وڌو ويندو جيڪو سندن کَلَ کي ۽ سندن پيٽ جي اندر جيڪو ڪجهه آهي سڀ ڪجهه پِگھاري ڇڏيندو۔ جهنمين لاءِ لوهه جا گُرز هوندا جيڪي سندن پيشانين کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا، سندن وات مان خون مليل پُونءِ نڪرندي۔ اُڃَ جي شدت سبب سندن جگر ڦاٽي پوندا، سندن اکيون وَهي ڪري ڳَلن تي اچي وينديون ۽ رخسارن جو گوشت ڇڻي پوندو، سندن بدن تان وارَ ته ڇا پر چمڙي به ڪِري پوندي۔ جڏهن جڏهن سندن چمڙي خراب ٿي ويندي ته کين ٻي چمڙي بدلائي ڏني ويندي۔ افسوس! جهنم وارن جون هڏيون گوشت کان خالي ٿي وينديون، سندن روحَ