Book Name:Ahl e Jannat Aur Ahl e Jahannum Ka Mukalima
جي اطاعت ۽ عبادت ڪندي خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن، انهن شهر وارن جڏهن الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلام کي ڏٺو ته پاڻ عَلَیْہِ السَّلام جي نهايت تعظيم ڪئي ۽ تمام گهڻي احترام سان پيش آيا.
3 سالن کان پوءِ حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلام جو ٻيهر ان جڳهه تان گذر ٿيو ته پاڻ هي ڏسي حيران رهجي ويا ته ان شهر جا باغ ۽ مڪان اجڙي ويا آهن، نهرون ۽ چشما خشڪ ٿي چڪا آهن، هاڻي نه اتي گل ۽ ميوا آهن، نه جانور، نه ڪو ماڻهو اتي رهي ٿو. اهڙي خوشحال شهر جو اهڙو بُرو حال ڏسي حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلام جن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: الٰهي! *هن شهر جا ماڻهو ڪهڙي مصيبت ۾ گرفتار ٿيا؟*انهن جي وڻن، چشمن ۽ عمارتن جي بربادي جو ڇا سبب بڻيو؟*انهن کي بُري نظر لڳي؟*يا ڪنهن انهن تي جادو ڪري ڇڏيو؟*ڪنهن دشمن انهن کي شڪست ڏني*يا تنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڇڏڻ جي انهن کي سزا ملي آهي؟ حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلام جي ان عرض تي حضرت جبريل اَمين عَلَیْہِ السَّلام خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: اي الله پاڪ جا نبي عَلَیْہِ السَّلام! *هن شهر کي نه ته نظر لڳي* نه ئي انهن الله پاڪ جي اطاعت ترڪ ڪئي*نه انهن تي جادو ڪيو ويو. انهن جي بربادي جو اصل سبب اهو ٿيو جو هڪ ڏينهن هن شهر مان هڪ بي نمازي جو گذر ٿيو، ان انهن جي چشمي ۾ منهن ڌوئي ورتو، ان بي نمازي جي چهري تان لڳندڙ پاڻي جي اها نحوست ٿي جو انهن جا چشما سُڪي ويا، انهن جا باغ ويران ٿي ويا ۽ هي شهر اجڙي ويو. پوءِ حضرت جبريل عَلَیْہِ السَّلام عرض ڪيو: اي عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلام! توهان بي نمازي جي دنياوي