Book Name:Ahl e Jannat Aur Ahl e Jahannum Ka Mukalima
فِیْ جَنّٰتٍﰈ یَتَسَآءَلُوْنَۙ(۴۰) عَنِ الْمُجْرِمِیْنَۙ(۴۱)
ترجمو ڪنزُ العرفان: باغن ۾ هوندا اهي پڇي رهيا هوندا مُجرمن کان
(سيپارو: 29، المدثر: 40_ 41)
يعني اَہْلِ جنّت جنت ۾ رهندي، جهنمين کان سوال پڇندا. حضرت عبدالله ابن مسعود رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ۽ ٻيا انبياءِ ڪرام علیہمُ السَّلام، حضرت جبريل عَلَیْہِ السَّلام ۽ ٻيا ملائڪَ، انهن کان پوءِ صديقين ۽ شهداء، اهي سڀ گنهگار مسلمانن جي شفاعت ڪندا، ايستائين جو سڀ اَہْلِ جنّت (يعني گنهگار مسلمان جَن کي آخرڪار جنت ۾ ئي اچڻو هو) جنت ۾ ۽ سڀ جهنمي (يعني ڪافر جن کي هميشه جهنم ۾ ئي رهڻو آهي)، اهي جهنم ۾ رهجي ويندا، هاڻي اَہْلِ جنّت جنت ۾ رهندي جهنمين کان پڇندا:[1]
مَا سَلَكَكُمْ فِیْ سَقَرَ(۴۲)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ڪهڙي شيءِ توهان کي دوزخ ۾ وٺي وئي؟
(سيپارو: 29، المدثر: 42)
اَہْلِ جنَّت جي ان سوال جي جواب ۾ جهنم ۾ موجود ڪافر جهنم ۾ ئي رهندي جواب ۾ پنهنجا 4 ڏوهه ڳڻائيندا:
مَا
سَلَكَكُمْ
فِیْ سَقَرَ(۴۲)
قَالُوْا
لَمْ نَكُ
مِنَ
الْمُصَلِّیْنَۙ(۴۳) وَ
لَمْ نَكُ
نُطْعِمُ
الْمِسْكِیْنَۙ(۴۴) وَ
كُنَّا
نَخُوْضُ
مَعَ
الْخَآىٕضِیْنَۙ(۴۵)