Ahl e Jannat Aur Ahl e Jahannum Ka Mukalima

Book Name:Ahl e Jannat Aur Ahl e Jahannum Ka Mukalima

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)

مسئلو: وُضو کان بعد ڪپڙا تبديل ڪرڻ سان وُضو ناهي ڀڄندو.

وضاحت :عوام ۾ مشهور آهي ته ڪپڙا تبديل ڪريو يا اوگهڙ کلي وڃي ته وُضو ڀڄي پوندو آهي. ائين ناهي. وُضو کان بعد ڪپڙا لاهڻ سان وُضو ناهي ڀڄندو ۽ نه ستر کلڻ سان وُضو ڀڄندو آهي* البت بنا وجھ اوگهڙ کولڻ جو ماڻهن جي نظر پوي گناهه آهي، مرد جي لاءِ دُن کان وٺي گوڏي جي هيٺ تائين سڄو جسم اوگهڙ آهي.[1]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَسْمَاءُ الحُسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

يَامُقْتَدِرُ

     جيڪو به روزانو 20 ڀيرا يَامُقْتَدِرُ پڙهي وٺندو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! رحمتن جي ڇانو ۾ رهندو.[2] الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 



[1]...کنزالعمال،کتاب الصلوٰۃ ، الفصل الاول، جلد:7، صفحہ:134،حدیث:19097۔

[2]...مدنی پنج سورہ، صفحہ:255۔