Book Name:Ahl e Jannat Aur Ahl e Jahannum Ka Mukalima
متعلق ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، قرآنِ ڪريم مسلمانن جا وصف بيان ڪندي فرمايو:
وَ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ یُوْقِنُوْنَؕ(۴)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا. (سيپارو: 1، البقرة: 4)
بيشڪ اسان قيامت تي اهڙو ئي پڪو يقين رکندا آهيون پر افسوس اهو آهي ته دنيا جي محبت اهڙي دل ۾ گهر ڪري وئي آهي جو قيامت جي يقين هئڻ جي باوجود ان يقين جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪيفيتن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي نه ته ڏسو! اسان کي اهو يقين آهي ته باهه ساڙيندي آهي ۽ ان کان به ڪيترا ڀيرا وڌيڪ پڪو يقين آهي ته قيامت لازمي ايندي، ان جي باوجود ڪوبه ڪڏهن ڀلجي ڪري به باهه ۾ هٿ نٿو وجهي جڏهن ته گناهه جيڪي قيامت جي ڏينهن سخت نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اهي ڄاڻي واڻي ڪيا ويندا آهن. معلوم ٿيو: اسان کي قيامت تي يقين ته بيشڪ آهي پر دنيا جي محبت، مال ۽ دولت جي محبت، حرص ۽ لالچ ۽ گناهن جي ڪاراڻ ان يقين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خوفِ خدا واري ڪيفيت کي ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي، ان جو نقصان اهو ٿيو ته اسان گناهن تي دلير ٿي وياسين، دل مان خوفِ خدا گهٽ ٿي ويو، ڪجھ نادان ته اهڙا بيباڪ به ٿيا جو انهن جو مزاج آهي: جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو* ڪو نماز جي دعوت ڏئي* قبر ۽ آخرت جي ياد ڏياري*قبر جي تياري جو ذهن بڻائي*جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن جي ترغيب ڏياري*جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن کان بچڻ جو ذهن بڻائي ته چوندا آهن: مولانا صاحب! الله پاڪ تمام گهڻو مهربان آهي، قيامت جي ڏينهن جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو.