Surah e Mulk Fazail o Mazameen

Book Name:Surah e Mulk Fazail o Mazameen

تمام سٺو لڳندو آهي.

(2) زندگي آزمائش جي لاءِ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن اهو ثابت ٿي ويو ته سمورو اختيار الله پاڪ جو آهي، ته هتي هڪ عام سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان صرف مجبور آهيون ...؟ سورة    الملك جي ٻئي مکيه مضمون مان اسان کي ان ئي سوال جو جواب ملي ٿو، هن مبارڪ سورت جي آيت نمبر 2  ۾ ارشاد ٿيو:

الَّذِیْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوةَ لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًاؕ-وَ هُوَ الْعَزِیْزُ الْغَفُوْرُۙ(۲)

(پارو: 29، سورة مُلک: 2)

 ترجموڪنزالعرفان: (الله اُهو آهي) جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جي آزمائش ڪري ته توهان ۾ ڪير وڌيڪ سٺا عمل ڪرڻ وارو آهي ۽ اُهو ئي وڏي عزت وارو، گهڻو بخشڻ وارو آهي.

حضرت ابن عمر رَضِیَ اللہُ عنہکان روايت آهي: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سورة    الملك جي تلاوت فرمائي، جڏهن هن آيتِ ڪريمه تي پهتا ته فرمايائون: اِها جاچ ڪئي ويندي ته ڪير الله پاڪ جي حرام ڪيل شين کان وڌيڪ بچڻ وارو آهي ۽ ڪير الله پاڪ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ وڌيڪ جلدي ڪرڻ وارو آهي. ([1])

معلوم ٿيو ته اسان مڪمل مجبور نه آهيون بلڪه اسان کي پنهنجي


 

 



[1]...تفسیر قرطبی، پارہ:29، سورۂ ملک، زیرِ آیت:2، جلد:9، صفحہ:135۔