Book Name:Surah e Mulk Fazail o Mazameen
مُهۡلِب جيئن ته فوج جو سپهه سالار هو، عهدي ۽ منصب جو نشو سندس مٿي تي جادو وانگر سوار هو، جڏهن هن ڏٺو ته هڪ شخص کيس نصيحت ڪري رهيو آهي ته ڪاوڙ ۾ اکيون ڏيکاريندي چيائين: خبر اٿئي مان ڪير آهيان؟ حضرت مطرف بن عبدالله رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ به ماشَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندهه دل هئا، پاڻ نرمي سان ارشاد فرمايائون: ها! ڄاڻان ٿو ته تون ڪير آهين؛ اَوَّلُکَ نُطْفَۃٌ مَذِرَۃٌ تون شروع ۾ هڪ ناپاڪ نطفو هئين، وَ آخِرُکَ جِیْفَۃٌ قَذِرَۃٌ ۽ آخر ۾ تون هڪ گندو مردار ٿي ويندين وَاَنْتَ بَیْنَ ذَالِکَ تَحْمِلُ الْعَذِرَۃَ ۽ انهن ٻنهي حالتن جي وچ ۾ تون پنهنجي پيٽ ۾ گندگي کڻي هلي رهيو آهين. اِهي لفظ ٻڌي مُهۡلِب جو هوش ٺڪاڻي تي اچي ويو، هن تڪبر واري چال ڇڏي ڏني ۽ اڳتي روانو ٿي ويو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي غور جو مقام آهي، اسان حقيقت ۾ تمام عاجز مخلوق آهيون، ڀلائي ان ۾ آهي ته اسان الله پاڪ جي اڳيان عاجزي ۽ انڪساري جو مظاهرو ڪريون ۽ سندس رضا جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ هميشه جهڪائي رکون.
اُچے بَوْل نہ بَوْل ظَہُوْرِی حَقْ دَے بَنْدِے کِہْہ گئے نَیں
نِیْوِیْں پَا کے ٹُردیاں رہنا چَنْگَا لگدا اے[2]
وضاحت: اي ظهوري! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها چئي ويا آهن ته ڪڏهن به وَڏائيءَ وارا ٻولَ نه ڳالهايو ! بس عاجزي سان سِرُ جهڪائي زندگي گذارڻ،