Book Name:Surah e Mulk Fazail o Mazameen
سورة الملك جي تلاوت ڪري رهيو هو، جڏهن اُن سورة الملك جي آخري آيت تلاوت ڪئي، جنهن ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
قُلْ اَرَءَیْتُمْ اِنْ اَصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَنْ یَّاْتِیْكُمْ بِمَآءٍ مَّعِیْنٍ۠(۳۰) (پارو: 29، سورة مُلک: 30)
ترجموڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن صبح جو توهان جو پاڻي زمين ۾ لهي وڃي ته اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي نگاهن جي اڳيان وهندڙ پاڻي آڻي ڏي؟
اِها آيتِ ڪريمه ٻڌي ان فلسفي تڪبر ۽ غرور وِچان چيو: اِها ڪهڙي مشڪل ڳالهه آهي، جيڪڏهن الله پاڪ پاڻيءَ کي زمين ۾ دَٻائي ڇڏي ته اسان سائنس جي زورَ تي مختلف مشينن جي ذريعي پاڻي ٻيهر ڪڍي وٺنداسين. هن ڪافر ۽ منڪر فلسفي اِها ڳالهه چئي ۽ پنهنجي رستي ڏانهن هليو ويو، رات جو جڏهن هُو ستو ته خواب ۾ ڏٺائين ته هڪ تمام طاقتور شخص آيو، جنهن اُن فلاسافر جي منهن تي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن ڪري سندس ٻئي اکيون نڪري آيون ۽ سندس اکين ۾ جيڪو نور جو هڪ هڪ قطرو پاڻي هو اهو زمين تي ڪري خشڪ ٿي ويو.
خواب ۾ اچڻ واري شخص کيس خواب ۾ ئي چيو: اي بدنصيب! جيڪڏهن تون واقعي ڪوڏر، بيلچي ۽ ٻين سائنسي اوزارن جي ذريعي، الله پاڪ جي مدد کان سواءِ زمين مان پاڻي ڪڍي سگهين ٿو ته پنهنجين اکين مان نڪرڻ وارن هنن ٻن قطرن کي زمين مان ڪڍي ڏيکار؟
صبح جو جڏهن فلاسافر صاحب اٿيو ته سندس اکيون ڦوڙيل هيون، کيس