Surah e Mulk Fazail o Mazameen

Book Name:Surah e Mulk Fazail o Mazameen

سيڪنڊن تي اسان کي اختيار آهي. اسان ٽائيم ليس (يعني وقت جي قيد کان آزاد) به نه ٿا ٿي سگهون. ائين به نه ٿا ڪري سگهون ته اسان جي مٿان وقت جو گذر ئي نه ٿئي. اسان ڪيترا بيوَس آهيون جو...! پنهنجي ئي زندگيءَ ۾، پنهنجن ئي ساهن تي، پنهنجو اختيار نه ٿا رکون.

سورة    الملك ۾ اسان کي بار بار انهي ڳالهه تي جِھنجھوڙِيو ويو آهي، اسان جي اِها ئي  بيوَسي اسان کي بار بار ياد ڏياري وئي آهي. سورة    الملك جي بلڪل آخري آيت ڏسو!

 

قُلْ اَرَءَیْتُمْ اِنْ اَصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَنْ یَّاْتِیْكُمْ بِمَآءٍ مَّعِیْنٍ۠(۳۰) (سيپارو: 29، سورة مُلک: 30)

ترجموڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن صبح جو توهان جو پاڻي زمين ۾ لهي وڃي ته اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي نگاهن جي اڳيان وهندڙ پاڻي آڻي ڏي؟

غور ڪيو! پيارا اسلامي ڀائرو! پوري تسلي سان غور ڪريو! اسان ڪيترا مجبور ۽ بيوَس آهيون، اسان جي زمين جو پاڻي جيڪڏهن خشڪ ٿي وڃي ته ڇا اسان ان لائق آهيون ته ڪٿان پاڻي جو بندوبست ڪري سگهون...؟ بلڪل به نه آهيون.

فلاسافر جو غرور ڪيئن ٽُٽو ...؟

مولانا روم رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ مثنوي شريف ۾ لکن ٿا: هڪ ڀيري هڪ فلاسافر ڪٿان گذري رهيو هو ته سندس ڪنن ۾ تلاوتِ قرآن جو آواز آيو، ڪو شخص