Surah e Mulk Fazail o Mazameen

Book Name:Surah e Mulk Fazail o Mazameen

(1): مُلڪ،قدرت، اختيار سڀ الله جو آهي 

پهريون اهم مکيه مضمون اُهو آهي جيڪو هن سورت جي بلڪل شروعاتي جملي ۾ ارشاد ٿيو:

تَبٰرَكَ الَّذِیْ بِیَدِهِ الْمُلْكُ٘-  (پارو: 29، سورة مُلک: 1)

                                                ترجموڪنز العرفان: وڏي برڪت وارو آهي، اُهو جنهن جي قبضي ۾ سڄي بادشاهي آهي.

يعني ملڪ، قدرت، اختيار سڀ جو سڀ الله پاڪ جو آهي. اُهو ئي هن شان جو مالڪ آهي جنهن جي مرضي هن ڪائنات ۾ نافذ آهي. هڪ شاعر چيو هو:

کسی کو سوچوں نے کب سراہا، وہی ہُوا جو خُدا نے چاہا

جو سب کے ماتھے پہ مہر قدرت لگا رہا ہے، وہی خُدا ہے

غُرور انسان جي لاءِ نه آهي

اسان انسانن جي هڪ ڪمزوري آهي، اسان کي ٿوري طاقت، قوت، اختيار ملي وڃي ته اسان خوامخواه غرور ۽ تڪبر جو شڪار ٿي ويندا آهيون * فرعون کي ڏسو! کيس تاج ۽ تخت مليو ته پاڻ کي خدا چورائڻ لڳو * نمرود بدبخت کي اختيار مليو ته خدائي جي دعويٰ ڪري ويٺو * اهڙا ئي ٻيا به ڪيترائي گذريا آهن، اڄ به ڪيترائي اهڙا هوندا، جيڪي خوامخواه غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا رهندا آهن. مولانا روم رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ لکيو آهي:

نَفْسِ کَسْ رَا فِرْعَوْن نَیْسْتْ                                                        لَیْک اُو رَا عَوْن کَسْ رَا عَوْن نَیْستْ