Book Name:Rah e Ibadat Ki Rukawatain
پهرين رڪاوٽ آهي: نفس. هي اسان کي سستي ڏياريندو آهي* ترسي ڪريان ٿو*سڀاڻي ڪري وٺندس*اڄ دل نٿي چوي وغيره جهڙا خيال ايندا آهن ۽ ٻانهو عبادت کان محروم رهجي ويندو آهي. هن رڪاوٽ جا 2 علاج آهن:
پهريون علاج: خود آمادگي (Self-motivation)
پهريون علاج آهي: سيلف موٽيويشن (Self-motivation) يعني پاڻ ئي پنهنجي پاڻ کي عبادت تي اڀاريندو رهڻ. الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ائين ئي ڪندا هئا، حضرت عبدالعزيز بن ابو رَوَّاد رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي متعلق اچي ٿو ته جڏهن رات ٿيندي هئي ته پنهنجي بستري جي ويجهو تشريف آڻيندا هئا، ان تي هٿ ڦيريندا هئا، پوءِ فرمائيندا هئا: اي بسترا! بيشڪ تون تمام نرم ۽ عمدو آهين پر الله پاڪ جو قَسم! جنت ۾ توکان به وڌيڪ نرم ۽ ملائم وهاڻا هوندا. اهو چئي بيهي رهندا هئا ۽ سڄي رات عبادت ۾ گذاري ڇڏيندا هئا.[1]
اهڙي طرح حضرت رابعه بصري رَحمۃُ اللہِ علیہا جي متعلق منقول آهي ته پاڻ سڄي رات عبادت ڪنديون هيون، پوءِ فجر جي نماز کان ڪجهه دير اڳ ۾ مُصلي تي ئي ليٽي پونديون هيون، جڏهن فجر جو وقت ٿيندو هو ته اٿي وينديون هيون ۽ پنهنجي نفس کي مخاطب ڪري چونديون هيون: رابعه! ڪيستائين سمهندي رهندينءَ، ٿي سگهي ٿو هي تنهنجو آخري ڏينهن هجي،