Share this link via
Personality Websites!
30 سال مسلسل اهو انداز رهيو جو روزانو رات جو هڪ ئي رڪعت ۾ پورو قرآنِ مجيد مڪمل ڪندا هئا.[1]
الله اڪبر! اندازو لڳايو! ايتري ڊگهي عرصي تائين ، مستقل مزاجي سان عبادت ڪندو رهڻ، ڪندو رهڻ، وچ ۾ ناغو نه ٿيڻ ڏيڻ، ڪهڙي ڪمال جي ڳالهه آهي. الله پاڪ اسان کي به اهڙي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! 4 شيون آهن جيڪي عبادت جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجنديون آهن. انهن کي عَوَائِقِ اَرْبَعہ (يعني 4 رڪاوٽون) چيو ويندو آهي. امام غزالي رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ منهاج العابدين ۾ انهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. اهي 4 شيون هي آهن: (1): اسان جو نفس (2): شيطان (3): دنياوي تعلقات (4): دنيا.[2]
انهن 4 رڪاوٽن کي دور ڪري وٺون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عبادت تي استقامت ملي ويندي.
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami