Book Name:Rah e Ibadat Ki Rukawatain
اللہ واحد و یکتا ہے، ایک خُدا بس تنہا ہے کوئی نہ اس کا ہمتا ہے، ایک ہی سب کی سنتا ہے
لَآاِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللّٰہ
وہ ہے مُنَزَّہ شرکت سے، پاک سکون و حرکت سے کام ہیں اس کے حکمت سے، کرتا ہے سب قدرت سے
لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہ اٰمَنَّا بِرَسُوْلِ اللّٰہ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
عبادت ڪريو! مستقل مزاجي سان ڪريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي ۽ پاڻ سڳورن جي واسطي سان اسان غلامانِ مصطفيٰ کي 2 ڳالهين جو حڪم ڏنو ويو آهي: (1): فرمايو ويو:
فَاعْبُدْهُ
ترجموڪنزُالعرفان: سو انهيءَ جي عبادت ڪر. (سيپارو: 16، مريم: 65)
يعني الله پاڪ ئي آهي جيڪو زمين ۽ آسمان جو خالق به آهي، مالڪ به آهي، اهو ئي تمام جهانن کي پالڻ وارو آهي، سو ان جي ئي عبادت ڪريو! (2): ٻيو حڪم اهو ڏنو ويو ته:
وَ اصْطَبِرْ لِعِبَادَتِهٖؕ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان جي بندگيءَ تي ثابت رھ، (سيپارو: 16، مريم: 65)