Book Name:Rah e Ibadat Ki Rukawatain
حق ادا ڪندي رهندي. عرض ڪيو ويو: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! رمضان جو حق ضايع ڪرڻ ۾ انهن جو ذليل ۽ رسوا ٿيڻ ڇا آهي؟ فرمايائون: هن مهيني ۾ انهن جو حرام ڪم ڪرڻ. وڌيڪ فرمايائون: توهان رمضان جي مهيني جي معاملي ۾ ڊڄو! ڇو ته جهڙيءَ طرح هن مهيني ۾ نيڪيون وڌايون وينديون آهن، اهڙي طرح گناهن جو به معاملو آهي.[1]
الله پاڪ اسان سڀني کي رمضان جو مهينو سٺي انداز ۾*رضاءِ الاهي وارن ڪمن ۾ گذاريندي* هر گهڙيءَ جو قدر ڪندي*نيڪين ۾* عبادتن ۾*ذِڪر ۽ فِڪر ۾*قبر کي ياد ڪندي*مديني جون يادون دل ۾ سمائيندي*حُسنِ اخلاق جو مظاهرو ڪندي*والدين جو ادب ڪندي* مائٽن سان ڀلائي ڪندي*پاڙيسرين جا حق ادا ڪندي*غريبن جي مدد ڪندي گذارڻ ۽*فيضانِ رمضان مان خوب جهوليون ڀرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
گناہوں کی نحوست بڑھ رہی ہے دم بدم مولیٰ!
میں توبہ پر نہیں رِہ پا رہا ثابِت قدم مولیٰ!
میں رحمت، مغفرت، دوزخ سے آزادی کا سائِل ہوں
مَہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولیٰ!([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد