Book Name:Rah e Ibadat Ki Rukawatain
نِیم جاں کر دیا گناہوں نے مرضِ عصیاں سے دے شِفا یاربّ!
طالِبِ مغفِرت ہوں یااللہ! بخش حیدر کا واسطہ یاربّ!([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
عبادت جي راھ ۾ ٽين رڪاوٽ اسان جا تعلقات آهن، ائين تمام گهڻا ڀيرا ٿيندو آهي جو ٻانهو عبادت ڪرڻ جو ذهن بڻائيندو آهي*دل چوندي آهي ته تلاوت ڪندو رهان*درود پاڪ پڙهندو رهان*اڄ مان نفلن جي ڪثرت ڪندس پر* ڪڏهن ڪو دوست ملي ويندو آهي، ان سان ڪچهري ڪندي وقت گذري ويندو آهي* ڪڏهن ٻار ٻچن جي محبت رڪاوٽ بڻجي ويندي آهي ۽ ٻانهو عبادت کان محروم رهجي ويندو آهي.
هڪ نيڪ بزرگ هئا، انهن وٽ ماڻهو اچي ويهندا هئا، سٺيون سٺيون ڳالهيون سکندا هئا، انهن جي عادت هئي ته جڏهن ماڻهو اٿي وڃڻ لڳندا هئا ته فرمائيندا هئا: جڏهن هتان ٻاهر نڪري وڃو ته جدا جدا ٿي وڃجو، جيڪڏهن گڏ ويندا ته پاڻ ۾ ڳالهيون ئي ڪندا رهندا. اڪيلو اڪيلو ويندي ٿي سگهي