Maula Ali رَضِیَ اللہُ عنہ Ke Jannati Baghaat

Book Name:Maula Ali رَضِیَ اللہُ عنہ Ke Jannati Baghaat

دعوتِ اسلامي جي هڪ شعبي جو تعارف: اوراقِ مقدسه

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوت اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي دين اسلام جي خدمت ۽ مسلمانن جي خيرخواهي ڪري رهي آهي، انهن ئي شعبن مان هڪ شعبو شعبهءِ    اوراقِ   مقدسه به آهي.

هن شعبي جي ذريعي مقدس اوراق جي حفاظت ڪئي ويندي آهي يعني * گهِٽِيُن ۽ محلن ۾ * مسجدن جي ويجهو * مختلف چوڪن تي باڪس ۽ ڊرم لڳائي مقدس اوراق گڏ ڪيا ويندا آهن، پوءِ انهن کي ٻورين ۾ ڀري قرآن محل ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي * يا دفن ڪيو ويندو آهي، يا انهن کي سمنڊ ۾ ٿڌو ڪيو ويندو آهي.

  هيءُ شعبو ننڍن وڏن 670 شهرن ۽ وسندين ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن شعبي جي ماتحت 1 لک 25 هزار 1 سئو 97 عام باڪس ۽ 2 هزار 2 سئو 71 وڏا ڊرم رکيا ويا آهن. مقدس اوراقن جي لاءِ 42 رڪشا ۽ گاڏيون، 3 سئو 18 اسٽور، 84 ڪارخانا ۽ 78 قرآن محل قائم آهن. مقدس اوراقن جا 28 لکن کان وڌيڪ باردانا محفوظ ڪيا ويا آهن.

قرآن ٽيچر موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقان رسول! اَلحمدُ للہ! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي I.T  ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: قرآن ٽيچر (Quran Teacher) * هن ايپلي ڪيشن ذريعي درسِ نظامي، فيضانِ نماز ڪورس ۽ زڪوٰت ڪورس جهڙن ڪيترن ئي آن لائن ڪورسز لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي * اسٽوڊنٽ پورٽل (Student Portal) ۾ پنهنجي آن لائن ڪلاس جي سرگرمين جي باري ۾ باخبر رهي سگهجي ٿو * دعوتِ اسلامي جي هن پليٽ فارم